ٽنڊو محمدخان ضلع يوسي ڏندو جي مختلف علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي ڪيتريون ئي ڪلينڪون سيل

news

 ٽنڊو محمد خان: جمعو 04 آڪٽوبر 2019ع،  ٽنڊو محمدخان ضلع يوسي ڏندو جي مختلف علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي ڪيتريون ئي  ڪلينڪون سيل  تفصيل موجب حيدرآباد کان صحت کاتي جي آيل ٽيم جي عملدارن ڊاڪٽر محمد عمر ڪاڪا، ميڊيڪل ايڪسپرٽ، ڊاڪٽر عبدالستار نظاماني، مير خادم حسين ۽ ٻين جي نگراني ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي خلاف ڪاروائي طور ٽن عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن کي سيل ڪيو ويو.

جنهن ۾ ٻن هوميوپيٿڪ ڊاڪٽرن جاويد چانڊيو ۽ شوڪت چانڊيو کي هوميوپيٿڪ بابت سندن سرٽيفيڪيٽ پيش ڪرڻ ۽ ميڊيڪل دوائن ۽ انجيڪشن استعمال ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪيا آهن.

آيل ٽيم جي عملدارن جو چوڻ آهي ته عطائي ڊاڪٽرن جي غلط علاج ڪرڻ سان انساني صحت لا۽ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.