ٽنڊو محمد خان ۾ ڪشميري عوام سان ٿيندڙ ظلم خلاف ريلي ڪڍي وئي

news

ٽنڊو محمد خان: جمعو 04 آڪٽوبر 2019ع،  ٽنڊو محمد خان ۾ به ڪشميري عوام سان ٿيندڙ ظلم ، جبر ۽ انساني حقن جي لتاڙ خلاف ضلعي انتظاميه ٽنڊو محمد خان پاران واڪ ريلي اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو محمد آفيس کان پري ڪلب تائين ڪڍي ويئي،

ريلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر انور ميمڻ ، ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام محمد سهتو، اسسٽنت ڊائريڪٽر نعيم سومرو ، مانيٽرينگ آفيسر عبدالعليم لغاري ، سميت سول سوسائٽي، ضلعي جي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن،  استادن ، اسڪولن جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ريلي جي پيرس ڪلب ٽنڊو محمد خان پهچڻ تي مقررين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا جي ڪابه طاقت ڪشميري کي پنهنجي مقصد کان پوهتي نه ٿي ڪري سگهي ،

ڪشميري ڀائرن کي هن مشڪل گهڙي ۾ اڪيلو نٿا چڏي سگهون ، ڇاڪاڻ ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي اسان پنهنجي شئي جي حفاظت ڪرڻ جاڻون ٿا ، اسان ڪشمير کي ڪڏهن به اڪيلو چڏينداسين.