سکر ۾ ڪنڌڪوٽ واسي شاگرد سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيا، وارثن جو احتجاج

news

سکر جمعو 04 آڪٽوبر 2019ع، ڪنڌ ڪوٽ واسي ستين درجي جي شاگرد سان بد فعلي ڪندڙ جوابدار گرفتار نہ ٿيا،

ھنن سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جي گهر ڪئي آھي. ڪنڌڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد پراڻي سينيما وٽ هڪ مهينو اڳ دڪان تي برف ڏيڻ لاءِ ويندڙ ستين ڪلاس جي شاگرد اسد علي پٽ سهراب علي دايو کي دڪاندار ۽ ٻين جي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ واري ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن واجد دايو، عمران دايو، وقار دايو، پرنس اسد دايو ۽ ٻين سکر پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. 

سندن چوڻ ھو تہ هڪ مهينو اڳ اسڪولي شاگرد کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل هئڻ باوجود ڪنڌڪوٽ پوليس جوابدارن جي ساٿاري بڻيل آهي.

جوابدار بااثر آهي جنهن جي ڪري پوليس سندس خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران الٽو متاثرن کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائي رهي آهي.

ھنن مطالبو ڪيو آهي معامري جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي عمل ۾ آڻي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.