ميرپور ماٿيلي جي شاهه ڪالوني ۾ گهر تي پاڙيسري جوابدار جي ساٿين سان گڏ ڪاهه، اين سي داخل

news

ميرپور ماٿيلو: جمعو 04 آڪٽوبر 2019ع، شاھ فيصل ڪالوني جو رھواسي منير گوپانگ سندس گھر واري مسمات فاطمہ ۽ ٻيا گھر ڀاتي ميڊيا جي آفيس پھچي احتجاج ڪندي دانھيو آھي تہ پاڙيسري احسان بوزدار سندس 3 ساٿين ڏينھن ڏٺي جو گھر ۾ داخل ٿي عورتن سان بداخلاقي ڪندي مسمات صاحبہ گوپانگ جا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا سندس گھر ڌڻي منير گوپانگ کي بہ ڌڪ ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو.

متاثر گھر ڀاتين جي رڙين ۽ دانھن تي پاڙيسرين پھچي ھڪ جوابدار احسان بوزدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جڏھن تہ ٽي جوابدار فرار ٿي ويا آھن.

ميرپورماٿيلو پوليس متاثر خاندان جي فرياد گرفتار جوابدار احسان بوزدار سندس ساٿين مٿان اين سي داخل ڪري ڇڏي آھي..