نئون ديرو: جمعو 04 آڪٽوبر 2019ع، نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ باغ علي گوپانگ ۾ پنج کان وڌيڪ هٿياربندن دڪان تي چڙھائي ڪري ٻن ڀائرن اوشاق علي گوپانگ ۽ عبدالغني گوپانگ کي هٿيارن جي زور تي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڳوٺاڻن مزاحمت ڪري ٻنهي ڀائرن کي هٿياربندن کان ڇڏائي ورتو جڏھن ته هٿياربند ڳوٺاڻن مٿان فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. نئون ديرو ٿاڻي تي اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ دير سان پهتي.
هوڏانهن ڳوٺ ۾ پيدا ٿيل بدامني ۽ پوليس جي نااهلي خلاف ڳوٺ باغ علي گوپانگ جي رهواسي ڳوٺاڻن عبداالغني، اوشاق علي، حزب الله، شوڪت علي، راجا، علي خان گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. جتي صحافين آڏو دانهون ڪندي اغوا کان بچي ويل ڳوٺاڻي اوشاق علي ۽ عبدالغني گوپانگ چيو ته اسان جي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي علائقي مان امن جو پکي اڏامي ويو آھي.
چوريون، ڦرون ۽ موٽر سائيڪلون کسڻ روز جو معمول بڻيل آھن. قانون نالي ڪا شيءِ نظر نٿي اچي. هنن چيو ته هاڻي اسان پنهنجي گهرن ۽ ڪاروبار تي به محفوظ نه آھيون.
پنج کان وڌيڪ هٿياربندن اسان جي دڪان تي چڙھائي ڪري اسان کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران اسان جي هٿياربندن سان مزاحت ٿي ۽ ڳوٺاڻن به مڙسي ڪري اسان کي هٿياربندن کان ڇڏائي ورتو جنهن بعد هٿياربند اسان کان هزارين روپيه روڪ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري مٿان فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.
هنن چيو ته اسان کي ڏوهارين مان جان جو خطرو آھي. هنن چيو ته اسان هٿياربندن مان ٻن ڄڻن حبدار گوپانگ ۽ گلزار گوپانگ کي سڃاتو آھي جيڪي ڀرواري ڳوٺ ٻاجهي گوپانگ جا رهواسي آھن. هنن چيو ته ڏوهارين تر تپائي ڏنو آھي.
هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي مسعود بنگش کي اپيل ڪئي ته علائقي ۾ امن امان بحال ڪرائي ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.