مشهور درگاهه حضرت شاهه يقيق بابا ۽ حضرت جلالي بابا سمورين سهولتن کان محروم، زائرين پريشان

news

چوهڙ جمالي: جمعو 04 آڪٽوبر 2019ع، سنڌ جي مشهور درگاھ شاھ يقيق بابا ۽ درگاھ جلالي بابا تي سرڪار پاران ڪي به انتظام نه ڪرڻ ڪري ڏورانهن علائقن کان ڪشالا ڪاٽي ايندڙ عقيدتمند پريشانين جو شڪار آهن،جتي زا ئرين رهائش پاڻي ۽ صحت ۽ روڊ رستن جي ڪابه سهولت ميسر نه آهي.

جڏهن ته درگاھ شاه يقيق جي زائرين جي سهو لت لاء اوقاف کاتي طرفان مزار ڀرسان 6 سالن کان پوڻا 3ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ريسٽ ها ئوس سميت اوقاف ملازمن جي رهائش ۽ واش رومز جي اسڪيم رولڙي جو شڪار آهي.

ريسٽ هائوس جي بااثر ڪانٽر يڪٽر ڪمپني اوقاف پاران پئيمينٽ جاري ٿيڻ جي باوجود ڪم مڪمل ناهي ڪرايو ويو، ان کان علاوه درگاھ شاه يقيق بابا جي مزار جي نئين تعميرات جو ڪم پڻ چئن سالن کان رو لڙي جو شڪار آهي، جتي پڻ ڪانٽريڪٽر مزار ٻاهران اڌ ۾ ڪم ڇڏي فرار ٿي ويو آهي.