پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي نااهلي واري درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل

news

ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي نااهلي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. حليم عادل شيخ جي خلاف درخواست ۾ غير ملڪي بئنڪ اڪائونٽ هئڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.

درخواستگذار عبدالرحيم موقف اپنايو آهي ته حليم عادل شيخ اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجي آمدني جا ذريعا لڪايا آهن. گوشوارن ۾ ڌيئرن عائشه حليم ۽ مريم حليم جي خرچن جو ذڪر ناهي.

حليم عادل شيخ جون ٻنهي ڌيئرن جا خرچ آمريڪي بئنڪ مان ادا ٿيندا آهن. درخواستگذار نيوجرسي بئنڪ اڪائونٽ جو نمبر ۽ تفصيل به پيش ڪيا آهن.

حليم عادل شيخ جي گوشوارن ۾ نوابشاهه پولٽري ڪمپليڪس جو به ذڪر ٿيل ناهي. آمدني جا ذريعا ۽ اثاثا لڪائڻ تي حليم عادل شيخ کي ڊي نوٽيفائي ڪري حليم عادل شيخ کي نااهل قرار ڏنو وڃي.