ڪراچي ۾ انوکي واردات: ڦورو شهري کان موبائل ۽ رقم جڏهن ته شهري ڦورو کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري ورتي

news

ڪراچي: (ڇنڇر 05 آڪٽوبر 2019ع) ڪراچي جي علائقي سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي انوکي واردات ٿي آهي.

پوليس موجب ڦورو شهري کان موبائل ۽ رقم جڏهن ته شهري ڦورو کان موٽر سائيڪل ڦري ورتي. پوليس موجب موٽر سائيڪل سوار هڪ ڦورو شهري کان ڦر ڪرڻ جي لاءِ کيس هٿيار ڏيکاري ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي شهري کيس موبائل فون ۽ روڪ رقم ڏني.

پوليس اختيارين موجب ڦورو شهري کان ڦر ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿيڻ لڳو ته شهري ڦورو کي گهيري ورتو ۽ کانئس موٽر سائيڪل ڦري ورتي ۽ کيس سوگهو ڪري ورتو.

جنهن کان پوءِ شهري ڦورو کي سيڪيورٽي گارڊ جي حوالي ڪري پوليس کي آگاهه ڪرڻ لاءِ ويو ته ان دوران ڦورو سيڪيورٽي گارڊ سان ٺڳي ڪري موبائل ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڦورو کان هٿ آيل موٽر سائيڪل 2016 ۾ لائنز ايريا مان چوري ڪئي وئي هئي جڏهن ته پوليس ڦورو جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.