هي جنگ حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ئي ختم ٿيندي جنهن جو ميدان پورو ملڪ هوندو: مولانا فضل الرحمان

news

پشاور: (ڇنڇر 05 آڪٽوبر 2019ع) جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هي جنگ حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ئي ختم ٿيندي جنهن جو ميدان پورو ملڪ هوندو. 

جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان پشاور ۾ پارٽي جي صوبائي سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي جنگ حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ئي ختم ٿيندي ۽ پورو ملڪ جنگ جو ميدان هوندو. ادارن کي چوڻ چاهيان ٿو ته ناجائز حڪومت جي پٺڀرائي ڪرڻ بند ڪن. اسان پاليسي بيان ڏئي چڪا آهيون. ادارن سان اسان جو ڪوبه جهيڙو ناهي.

حڪومت اقتدار ڇڏي نيون چونڊون ڪرائي. مولانا فضل الرحمان چيو ته مدرسن ۾ انعام ورهائي عمران خان کي ڪابه شهرت ناهي ملي جن جي ڌرڻن ۾ کيرپياڪ ٻارن کي آندو ويو اهي مدرسن جي ٻارن  جي ڳالهه ڪن ٿا. حڪومت جو مدرسن وارو ڪارڊ فيل ٿي چڪو آهي ۽ اسان جا مدرسا حڪومت جو اثر نه پيا وٺن. مدرسن جو معاملو اٿاري حڪومت عالمي حمايت وٺڻ چاهي ٿي. مدرسن جي شاگردن ۾ انعام ورهائي اسان کي ڪائونٽر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

احتجاج ۾ مدرسن جي شاگردن جو انگ تمام گهٽ هوندو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ هن وقت معاشي لحاظ سان ٻڏي رهيو آهي. روزگار جا موقعا ختم ٿي رهيا آهن. هن جعلي ٻيڙي کي تباهه ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي. اسان 27 آڪٽوبر کان آزادي مارچ جي شروعات ڪنداسين جيڪا جاري رهندي. اسلام آباد ۾ پهريون ڌرڻو آهي جنهن کان پوءِ پلان بي ۽ سي به ڏينداسين. پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪندا رهنداسين.

جي يو آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته هي ناجائز ۽ نااهل حڪومت آهي جيڪا هاڻ ويندي. اسان اپوزيشن پارٽين کي هن جنگ ۾ شامل ڏسڻ چاهيون ٿا.جڏهن ميدان ۾ لهنداسين ته پوءِ گرفتارين جي به ڪا پرواهه ناهي. گرفتارين سان وڌيڪ ماحول خراب ٿيندو. قيادت جيل ۾ هوندي ته ڪارڪنن کي ڪير سنڀاليندو.