سنڌي اجرڪ واري لوگو سان ٺهيل گاڏين جون جديد نمبر پليٽون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

news

ڪراچي: (ڇنڇر 05 آڪٽوبر 2019ع) سنڌ جي ايڪسائيز کاتي سنڌي اجرڪ جي لوگو سان ٺهيل گاڏين جون جديد نمبر پليٽون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

سيڪريٽري ايڪسائيز عبدالحليم شيخ موجب پهرين مرحلي ۾ 3 لک گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن جي لاءِ نمبر پليٽون ٺهرايون وينديون.

چپ واريون نمبر پليٽون سال 2020 تائين متعارف ڪرايون وينديون ان جي لاءِ سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ جي وڏي وزير کان منظوري ورتي ويندي.

سيڪريٽري ايڪسائيز موجب اجرڪ مان ٺهيل نئين نمبر پليٽ اسڪين ڪرڻ  سان مالڪ کي سموري ڄاڻ آساني سان ملي ويندي ۽ گاڏي چوري ڪندڙ به پڪڙجي پوندا.