شمعون عباسي پاران سينسر بورڊ کان فلم(دُرج) تان پابندي ختم ڪرڻ جي درخواست

news

ڪراچي: (ڇنڇر 05 آڪٽوبر 2019ع)اداڪار ۽ پروڊيوسر شمعون عباسي سينسر بورڊ کان فلم(دُرج) تان پابندي ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

فلم دُرج مٿان تازو ئي سينسر بورڊ طرفان پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي جنهن جو سبب اڃان تائين سامهون ناهي اچي سگهيو. هدايتڪار شمعون عباسي سوشل ميڊيا تي ٻڌايو آهي ته فلم دُرج  بدقسمتي سان هن وقت پاڪستان ۾ رليز ناهي ڪئي وئي ڇو ته سينسر بورڊ کي فلم جي حوالي سان اعتراض آهن جنهن جي ڪري هنن فلم کي پاڪستان ۾ رليز ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني.

سوشل ميڊيا تي شمعون عباسي سينسر بورڊ کي درخواست ڪندي چيو آهي ته اختياريون هڪ ڀيرو ٻيهر فلم جو جائزو وٺن ۽ پابندي واري فيصلي تي نظرثاني ڪن. اسان ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ پنهنجي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيڪڏهن هن فلم ۾ ڪا نامناسب شيءَ نظر اچي ٿي ته اسان  هنن جي چوڻ موجب ان کي هٽائي سگهون ٿا.

اسان کي اميد آهي ته هو ان عمل جي ذريعي اسان جي مدد ڪندا. ٻئي طرف شمعون عباسي عالمي سطح تي فلم جي رليز جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته فلم دُرج ناروي ۽ ڊينمارڪ ۾ 11 آڪٽوبر کان سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي. ياد رهي ته فلم دُرج جي هدايتڪاري به شمعون عباسي ڪئي آهي ۽ هن جي ڪهاڻيون به هن پاڻ ئي لکي آهي. فلم جو مُک ڪردار به شمعون عباسي نڀايو آهي. ان سان گڏ ٻين اداڪارن ۾ مائره خان، شيري شاهه، نعمان جاويد ۽ ٻيا اداڪار شامل آهن.