اڄ جا اداڪار صرف پئسن جي لاءِ ڪم ڪندا آهن: اداڪاره بدرخليل

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 05 آڪٽوبر 2019ع) مشهور ۽ سينئر اداڪاره بدر خليل چيو آهي ته مون کي شهرت کان وڌيڪ اداڪاري جو شوق هو. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بدر خليل چيو ته اداڪاري جو شوق شوبز جي فيلڊ ۾ کڻي آيو هو ۽ مون کي ڪڏهن به  شهرت جي خواهش نه هئي.

اڄ جا اداڪار ڪم صرف پئسن جي لاءِ ڪندا آهن. جڏهن ته اسان جي دور ۾ پئسن کان وڌيڪ ڪم کي اوليت ڏني ويندي هئي. هن چيو ته عمران اشرف، صبا قمر ۽ سجل علي  جو شمار باصلاحيت اداڪارن ۾ ٿيندو آهي ۽ مان هنن ٽنهي جا ڊراما تمام گهڻو شوق سان ڏسندي آهيان هي پنهنجي ڪردار کي بهترين طريقي سان ادا ڪندا آهن ايندڙ وقت ۾ هنن جو وڏو نالو ٿيندو.

هن  وڌيڪ چيو ته  هن وقت جديد دور  آهي ۽ ماضي کان وڌيڪ تمام گهڻيون سهوليتون به ٿي ويون آهن پر ان باوجود به اداڪار اها اداڪاري نه پيو ڪري سگهي جيڪا کيس ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته هن وقت اداڪار ۽ اداڪارائن جو سمورو ڌيان پئسن تي آهي ۽ هي پئسن کي اوليت ڏئي رهيا آهن جنهن سبب اسان وٽ ٽيلنٽ جي کوٽ آهي.