پاڪستان فلم انڊسٽري جو مشهور دور شروع ٿي چڪو آهي: ماهه نور بلوچ

news

ڪراچي: (ڇنڇر 05 آڪٽوبر 2019ع) اداڪاره ماهه نور بلوچ چيو آهي ته پاڪستان فلم انڊسٽري جو سنهري دور شروع ٿي چڪو آهي.

مان پنهنجو پاڻ کي ان حوالي سان خوشقسمت سمجهندي آهيان ته پاڪستان فلم انڊسٽري جي بحالي ۾ منهنجو به ٿورو حصو آهي.

ماهه نور بلوچ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته فلم انڊسٽري ۾ هاڻ معياري ۽ سٺيون فلمون ٺهي رهيون آهن. هن وقت اسان جي فلم انڊسٽري ۾ جيڪا نواڻ آئي آهي ان کي اسان کي مڃڻو پوندو.

اداڪاره چيو ته مداحن  ڊرامي ۽ فلم انڊسٽري ۾ منهنجي فني صلاحيتن جو اعتراف ڪري منهنجي اندر جي فنڪار کي هڪ نئون حوصلو ڏنو جنهن سان منهنجو اعتماد وڌي ويو.

هن وڌيڪ چيو ته پهريان کان وڌيڪ هن وقت جديد دور موجب تمام گهڻيون سهوليتون ٿي ويون آهن جنهن مان  اسان کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.