نوابشاهه جي ويجهو ڳوٺ نيڪ شاهه ۾ گورنمينٽ بوائز اسڪول بلڊنگ کان محروم، ٻارڙا وڻ هيٺيان تعليم پرائڻ تي مجبور، احتجاج

news

نوابشاهه: ڇنڇر 05 آڪٽوبر 2019ع، ڳوٺ نيڪ شاهه ۾ 118 سالن کان قائم گورنمنٽ بوائز اسڪول بلڊنگ کان محروم 125 ٻارڙا وڻ هيٺان تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور تعليم کاتو خاموش تماشائي بڻيل خبر موجب  نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ نيڪ شاهه ۾ 118 سالن کان قائم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول قائم آهي ليڪن اتي ٻارڙا اڄ به وڻ جي ڇانو هيٺان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

انهي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن علي حسن شاهه، باگو شاهه ۽ اسڪول جي ٻارڙن احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان جو اسڪول 1901 کان منظور آهي هن اسڪول کي پهريون دفعو هڪ ڪمري واري بلڊنگ 1985 ۾ اڳوڻي ايم پي اي سيد امداد محمد شاهه ڏني هئي جيڪا 2011 جي تباهڪن برساتن ۾ صفا ڪمزور ٿي وئي آهي.

هينئر ٻار اتي پڙهي نٿا سگهن ۽ اٺن سالن کان هن اسڪول جا ٻارڙا وڻ جي ڇانو هيٺان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جيڪا انتهائي افسوس جهڙي ڳالهه آهي هنن چيو ته افسوس جي اها ڳالهه آهي جو اسڪول جي پلاٽ ۾ مسجد جو گندو پاڻي ڇڏيو ٿو وڃي ۽ مسجد جي انتظاميه کي چئون ٿا ته اهي ڪو به ڌيان نٿا ڏين.

جڏهن ته اسڪول جي هيڊماستر استاد عبدالحفيظ زرداري ٻڌايو ته هن اسڪول ۾ 98 ٻارڙا داخل آهن ۽ ڪچي داخلا موجب 125 ٻارڙا پڙهن ٿا ۽ آئون هڪڙو استاد آهيان ٻارڙن کي سبق به مڪمل طور تي نٿو ڏئي سگهان.

جڏهن ته ڳوٺ نيڪ شاهه جي ڳوٺاڻن ۽ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وزير اعليٰ سنڌ، وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم، اي ڊي او تعليم ضلعي شهيد بينظير آباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي اسڪول کي بلڊنگ ڏني وڃي.

فرنيچر ۽ وڌيڪ ٻه استاد ڏنا وڃن ته جيئن اسان پنهنجو مستقبل سنواري سگهون.