ٽنڊو محمد خان ۾ به استادن جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي ريلي ڪڍي وئي

news

ٽنڊومحمدخان: ڇنڇر 05 آڪٽوبر 2019ع، ٽنڊو محمد خان ۾ به استادن جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي استادن جي عظمت کي ڀيٽا ڏيڻ لا۽ هڪ ريلي  گورنمنٽ مين پرائمري اسڪول کان پريس ڪلب تائين ڪڍي ويئي ۔

جنهن ۾ چيف مانيٽرنگ آفيسر ٽنڊو محمد خان عبدالحليم لغاري ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجيو ڪيشن آفسير آپا قيصر نقوي پ۔ٽ۔الف جي اڳواڻن ۽ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

استادن جي عظمت ۽ فرض شناسي تي استادن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ انهي عزم کي ورجايو ته هر حال ۾ استاد پنهنجون ذميواريون احسن طريقي سان نڀائيندا ۽ نئين نسل کي معاشري جو ڪامياب فرد بنائڻ ۾ وسان نه گهٽائيندا۔