بدين ۾ ڪڙيو گهنور پوليس خلاف مهيشوري برادري جواحتجاج

news

بدين: ڇنڇر 05 آڪٽوبر 2019ع، آل سنڌ مهيشوري جماعت جي اڳواڻ ڄيٺو مل خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪرڻ خلاف بدين ۾ مهيشوري برادري جي عورتن  ۽ مردن ايڊوڪيٽ شنڪرداس ڪرشن لال شريمتي ڪُنور ٻائي مهيشوري ماروي  مهيشوري پرڀات مهيشوري جي اڳواڻي ۾ بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

جنهن دوران هنن دانهيندي چيو ته ڪڙيو گهنور پوليس جي  اسان جي مخالفن ۽ سياسي وڏيرن جي ونگار وهندي عوامي جهموري پارٽي ۽ مهيشوري جماعت جي سرگرم اڳواڻ خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته اسان جي مخالفن سال 2013 ۾ به ڪڙيو گهنور شهر ۾ اسان جي دڪانن تي حملي ڪري اسان جو هڪ ماڻهو سومار مهيشوري کي قتل ڪيو آهي هاڻ به اهي ساڳيا ماڻهو ڪڙيو گهنور پوليس سان ملي ڀڳت ڪري اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان کي هراسان ڪري رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته ڄيٺومل خلاف داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري  کيس آزاد ڪيو وڃي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو پوري سنڌ ۾ وڌايو ويندو.