سجاول جي رهواسڻ ارڙهين سالا ناري کي ڊاڪٽرن طرفان اينجي ٽيوب غلط لڳاٸڻ سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي، ڪراچي منتقل

news

سجاول: ڇنڇر 05 آڪٽوبر 2019ع، سول اسپتال ٺٽو ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سجاول جي رهواسڻ 18 سالن جي ناري موت جي منهن ۾ پهچائي ڇڏيو، ڇوڪري کي غلط اينجي ٽيوب لڳايو ويو جيڪو سندس گلي ۾ ڦاسي ويو جنهن سبب علاج بدران مرض ۾ ويتر اضافو ٿيڻ ڪري  ۽ ناري زندگي ۽ موت جي ٻہ واٽي تي بيٺل آھي،

سجاول جي رهواسي حسن ساند جي 18 سالن جي الله بچائي نالي نياڻي کي اوچتو بخار ۽ جهٽڪو جي تڪليف سبب  سول اسپتال ٺٽو آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران مبينہ طور ناري کي اينجي ٽيوب لڳايو ويو پر ڊاڪٽر اينجي ٽيوب کي واپس ٻاهر ڪڍڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب نوجوان ناري جي حالت انتهائي نازڪ ٿي وئي، ياد رهي تہ سجاول جي سرڪاري اسپتال ۾ صحت جون سهولتون نہ هئڻ ڪري مريضن کي ٺٽي ريفر ڪيو ٿو وڃي پر ٺٽي جي سول اسپتال ۾ بہ ناقص انتظامن ۽ ڊاڪٽرن جي غفلتن غريب عوام کان علاج جون سهولتون ڦري ورتيون آهن، عوام جي ڪير سار لهڻ وارو ناهي ۽ هتي جي غريب ماڻهن کي بي يارو مددگار ڪري مرڻ لاء اڪيلو ڇڏيو ويو آهي.

ٻئي طرف سيڪريٽري هليٿ جي حڪم تي نينگري الله بچائي جي علاج جي لاء ٺٽي کان ميڊيڪل ٽيم سجاول پهتي ۽  مريض نينگري کي ڳوٺ کان ايمبولينس جي ذريعي تعلقي اسپتال سجاول آندو ويو جتي ڊاڪٽر لال مير شاھ، ڊاڪٽر سليمان شاھ نينگري جي ميڊيڪل رپورٽون ڏسڻ بعد ٻڌايو تہ نينگري کي نفسياتي ھسٽريائي دورا پوندا آهن، ميڊيڪل رپورٽن جي مطابق نينگري الله بچائي جي جسم ۾ ڪوبہ ٽيوب جو ٽڪرو موجود ناهي،

جڏهن تہ نينگري کي وڌيڪ علاج خاطر سومر جي ڏينهن انڊو اسڪوپي جي لاء ڪراچي موڪليو ويندو، جنهن بعد وڌيڪ ڪجه معلوم ٿيندو،م. سجاول پهتل ميڊيڪل ٽيم جي ڊاڪٽرن جو چوڻ هو تہ مريض جي وارثن کي جيڪڏهن جلدي آهي تہ هينئر ڪراچي هليا وڃن کين ايمبولينس فراهم ڪئي ويندي۔

نوجوان ناري جي والد حسن ساند اسپتال۾ ڳالھائيندي چيو تہ ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي مون سان فون تي رابطو ڪيو ۽ چيو ته ھن کي آغا خان ھسپتال ڪراچي کڻي اچو علاج جو خرچ آئون ڀريندس.ھن چيو تہ ان کان پوءِ ايمبولنس آئي ۽ اسان کي تعلقي اسپتال سجاول ۾ لاھي ڇڏيائون آھي.

ھن وقت مون وٽ کائڻ لاءِ پئسا ناھن آئون ڪراچي ڪيئن پھچندس، رابطو ڪرڻ تي ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي چيو تہ مون ناري جو علاج ڪرائڻ جو اعلان نه ڪيو آھي مون ناري جي والد کي چيو تہ آئون ايمبولنس موڪليان ٿو توھان کيس جناح اسپتال ڪراچي کڻي وڃو.

جنھن بعد اسپتال ۾ ناري جي والد حسن ساند جي بي وسي کي ڏسي سجاول جي سوشل ورڪر نوجوانن چندو ڪري کيس خرچ جي لاءِ ڪجھ رقم ڏئي پيپلز ايمبولنس ذريعي جناح اسپتال اماڻي ڇڏيو آھي .