گهوٽڪي ۾ تيز برسات، هوٽل جي ڇت ڪرڻ سبب ڏهه ڄڻا زخمي

news

گهوٽڪي: ڇنڇر 05 آڪٽوبر 2019ع، تيز برسات جون تباھ ڪاريون، هوٽل جي ڇِت ڪرڻ سبب ويٺل ماڻهون دٻجي ويا، 10 کا وڌيڪ زخمي، معجزاڻي طور تي بچي ويا، علائقي واسين ترت ڪاروايون ڪري کين اسپتال پھچايو، مختلف اسپتالن ۾ ميڊيڪل  ڪئمپن ۾ ايمرجنسي تحت علاج جاري، 

برسات سبب گهوٽڪي باءِ پاس تي قائم هوٽل جي ڇِت ڪرڻ سبب ماڻهون هيٺيان ڦاٿل، جن مان 10 کي ڪڍي اسپتال پهچايو ويو آهي باءِ پاس تي سبحانﷲ هوٽل جي ڇت برسات دوران ڌماڪي سان ڪري پئي، جن مان 8 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا انهن ۾ اصغر علي گهوٽو، اختر علي گهوٽو، خدا بخش چاچر، عبدالرشيد سنگهڙ، ستار آرائين، کي گهوٽڪي سول اسپتال پهچايو ويو جڏهن ته انهن سميت اٺ ماڻهون شديد زخمي آهن ۔

جن کي  پڻ گهوٽڪي جي ٻين نجي اسپتالن ۾ پهچايو ويو آهي، ان سميت ٻيا به ماڻهون جيڪي معجزاڻي طور تي بچي ويا جن کي پڻ ماڻهن جي وڏي مقدار گڏ ٿي کين ڪڍي ورتو، جن کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ کانپوءِ گهر روانو ڪيو ويو،

واضع رهي ته تيز ترين هوا ۽ برف جي ڳڙهي سان بارش فصلن کي به نقصان رسايو آهي ته ٻئي طرف گهوٽڪي رينجرس آفيس جي سڏ پنڌ تي مين روڊ تي  وڏا نم ۽ ڪوني جا وڻ ڪري پيا آهن جنهن سبب ٽريفڪ کي اچ وڄ ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،

جڏهن ته رستي کي صاف ڪرڻ جي لاءِ ڀيا برادري جا نوجوان پنهنجي مدد پاڻ تحت وڻن جي ڪٽائي ڪري رستو صاف ڪري رهيا اهن ۽ روڊ رستا تلاءَ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.