وڏي وزير ڪراچي جي ٽن ماڊل ٿاڻن لاءِ پنج ڪروڙ روپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

news

ڪراچي: (آچر 06 آڪٽوبر 2019ع) سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي 3 ماڊل ٿاڻن جي لاءِ 5 ڪروڙ روپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ڪراچي ڏکڻ جي بوٽ بيسن ٿاڻي کي ڪلفٽن ۾ ضم ڪري ماڊل ٿاڻو بنايو ويو آهي جنهن جو سالانه بجيت هڪ ڪروڙ 80 لک روپيه منظور ڪيو ويو جڏهن ته بهادر آباد کي فيروز آباد ۾ ضم ڪري قائم ٿيندڙ ماڊل ٿاڻي جو بجيٽ هڪ ڪروڙ 70 لک روپيه منظور ٿيا. ويسٽ زون جو سپر مارڪيٽ ٿاڻي، لياقت آباد ماڊل پوليس اسٽيشن ۾ ضم ڪيو ويو جڏهن ته لياقت آباد ماڊل پوليس اسٽيشن جو ساليانه بجيت هڪ ڪروڙ 52 لک روپيه رکيو ويو آهي.

ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته ٽنهي ماڊل ٿاڻن آزمائشي بنيادن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. سٺي ڪارڪردگي جي حامل آفيسرن کي بطور ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ماڊل ٿاڻن ۾ نفري جي مقرري سوچ ويچار سان ڪئي پئي وڃي. ايڊيشنل آءِ جي ان عزم جو اطهار به ڪيو ته ڪراچي پوليس جي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ماڊل ٿاڻن ۾ ضروري فنڊ فراهم ڪيو پيو وڃي.

جڏهن ته ماڊل ۾ مقرر ايس ايڇ اوز جي پگهار به ڊبل ڪئي وئي آهي. غلام  نبي ميمڻ چيو ته ٿاڻي جا معاملا هلائڻ، آفيسرن چي اچڻ وڃڻ، مهمانن جي چانهه پاڻي ۽ اسٽيشنري جا به فنڊ فراهم ڪيا پيا وڃن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان جي هن ڪاوش جي پهرين مرحلي ۾ ڪرپشن گهٽ ڪرڻ ۽ ٻئي مرحلي ۾ پوليس جو عالمي معيار موجب بنائڻ ۾ مدد ملندي.