ڪراچي: عزيز آباد ۾ فائرنگ سبب مارجي ويل پي ٽي آءِ ڪارڪن مٽيءَ ماءُ حوالي

news

ڪراچي: (آچر 06 آڪٽوبر 2019ع) ڪراچي جي علائقي عزيز آباد ۾ فائرنگ سبب مارجي ويل پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن آصف هارون کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

مقتول جي جنازي جي نماز ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ڪارڪنن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ڪارڪن جي قتل  کي ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مقتول جي جنازي نماز کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان چيو ته ڪراچي جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون آهن.

روزاني  ڏوهه جون وارداتون ٿي رهيون آهن. سنڌ حڪومت کي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ست ڏينهن جي مهلت ڏيون ٿا. جنهن کان پوءِ اڳواڻن  سان ڳالهين کان پوءِ آئينده جو لائحه عمل جوڙيو ويندو. حليم عادل شيخ چيو ته ڪچري جي خلاف آواز اٿارڻ واري هڪ ٻئي شهري کي قتل ڪيو ويو.

آصف هارون جي قتل جو ڪيس ان جي ڀاءُ جي مدعيت ۾د اخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ قتل ۽ دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن.