ورلڊ بينڪ جي ٽيم وسپ پروجيڪٽ واري منصوبي جي جاچ ڪرڻ لاءِ ٽيهه ميل ريگيوليٽر جو معائنو ڪيو

news

بدين: آچر 06 آڪٽوبر 2019ع،  3 ارب روپين جي لاڳت سان ڪوٽڙي بئراج جي ڦليلي ڪئنال ۽ گوني ڪئنال تي تعمير ٿيندڙ تڪراري وسپ پروجيڪٽ واري منصوبي جي جاچ ڪرڻ لاءِ ورلڊ بينڪ جي ٽيم پهچي 30 ميل ريگيوليٽر جو معائنو ڪيو ۽ انڊس ڊيلٽا تي تعمير ٿيندڙ سنڌ بئراج ۽ ڪينجھر ڍنڊ جو معائنو پڻ ڪيو ورلڊ بينڪ جي وفد جي هن دوري کي چونڊيل نمائندن آبادگارن صحافين ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن کان ڳجھو رکيوويو.

وسپ پروجيڪٽ هيٺ بدين ضلعي کي سيراب ڪندڙ ڦليلي ڪئنال جي ريگيوليٽر ۽ 30 ميل ريگيوليٽر تي 8 فٽ ۽ 3 فٽ جا دڪا هنيا ويا هئا جنهن ڪري بدين ضلعي ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿيڻ کان پوءِ مقامي آبادگارن هارين ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن 30 کان وڌيڪ لانگ مارچ مظاهرا ڌرڻاشٽر بند هڙتالون ۽ بک هڙتالون پڻ ڪيون ۽ ورلڊ بينڪ کي ٽيليگرام ۽ اي ميل موڪليا جنهن جي نتيجي ۾ ورلڊ بينڪ جو وفد هيڊڪوارٽر پريڪٽس مئنيجر مسٽر مائيڪل اسپيشلسٽ ڊاڪٽر گريگ برائون ۽ فرنس ڪوئيز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ منصوبي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٽڙي بئراج جي ڦليلي ڪئنال جو جائزو وٺڻ لاءِ پهتا .

انهي موقعي تي سيڊا ۽ آبپاشي عملدارن وفد جي اسٽيڪ هولڊرن ۽ چونڊيل نمائندن سان گڏجاڻي ڪرائڻ کان سواءِ کين تڙ تڪڙ ۾ دورو ڪرائي واپس موڪلي ڇڏيو ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايم پي اي حسنين مرزا چيوته وسپ پروجيڪٽ هيٺ تيار ٿيل منصوبي سبب مقامي آبادگارن ۽ هارين کي گذريل ٻن سالن ۾ پاڻِ نه ملڻ جي ڪري اربين روپين جو نقصان ٿيوآهي جنهن ڪري آبادگارن سخت احتجاج ڪيا ۽ مون سنڌ اسيمبلي ۾ ۽ ڊاڪٽر فهميده مرزا قومي اسيمبلي ۾ موقف ڏيندي هن منصوبي تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي هن منصوبي کي عوام دشمن قرار ڏنوهو ۽ سنڌ حڪومت پڻ آبادگارن جي احتجاج تي ادريس راجپوت جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي هئي.

جنهن پڻ 3 مهينن ۾ رزلٽ نه ملڻ جي صورت ۾ دڪا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيوهو جنهن تي عمل نه ڪيوويو ۽ اڄ سيڊا ۽ آبپاشي عملدارن سندن ڪرپشن ۽ اسٽيڪ هولڊرن يج اعتراضن سبب آيل وفد سان اسٽيڪ هولڊرن سان ملڻ نه ڏنو جڏهن ته فشر فوڪ فورم جي چيئرمين سيد محمد علي شاھ ورلڊ بينڪ يج ٽيم جي ڳجھي دوري جي سخت لفظم ۾ مذمت ڪندي چيوآهي ته سنڌ جي لکين هارين ۽ ماهيگيرن جي گذر جي وسيلي پاڻي ۽ انڊس ڊيلٽا جي تباهي جو سبب آبپاشي کاتي جا غلط منصوبا آهن جنهن ڪري لاڙ جي زرعي معيشت جي تباهي سان گڏوگڏ انڊس ڊيلٽا پڻ تباھ ٿي رهيوآهي.

ٻئي پاسي ارباب گروپ ۽ مرزا گروپ جي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن مير نور احمد تالپر حاجي شير جمالي عزيزالله ڏيرو شڪور نهڙيو خليفو اشفاق ميمڻ ۽ ٻين چيوآهي ته بااثر ماڻهن جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ هڪ سازش هيڄ وسپ پروجيڪٽ ذريعي ڦليلي ڪئنال جي پاڻِي جو رخ موڙيوويوآهي جنهن ڪري لاڙ جي 8 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين غيرآباد ۽ 10 لک کان وڌيڪ هاري بي روزگار ٿي وياآهن.

هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته وسپ پروجيڪٽ جو بيهر جائزو وٺي اسٽيڪ هولڊرن جي رائي سان پاڻي منصوبو مڪمل ڪيووڃي ڪرپشن ۽ علائقي کي تباھ ڪرڻ جي سازش ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري کين سزائون ڏنيووڃن ۽ آبادگارن ۽ هارين جي ٿيل نقصان جو معاوضو ڏياريووڃي.