گمبٽ جي شيخ محله جي رهواسي اکين جي نور کان محروم نوجوان جو مالي سهائتا لاءِ احتجاج

news

نوابشاهه : آچر 06 آڪٽوبر 2019ع، ضلعي خيرپور جي شهر گمبٽ جي شيخ محله جي رهواسي اکين جي نور کان محروم ميٽرڪ پاس نوجوان معظم حسين مڱڻهار نوابشاهه پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته ٻه سال اڳ حيدرآباد بائي پاس تي منهنجو روڊ حادثو ٿيو هو جنهن ۾ منهنجي اکين جي نظر ختم ٿي وئي آهي.

مان گهر ۾ ڪمائڻ جو اڪيلو سهارو آهيان ۽ منهنجي گهر ۾ هڪ امڙ، هڪ ڀيڻ، زال ۽ معصوم نياڻي آهي ۽ آئون معذور هجڻ جي ڪري گذر سفر مشڪل ٿي ويو آهي.

هن وزير اعليٰ سنڌ ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته پاڪستان جي قانون تحت معذور ڪوٽا ۾ مونکي نوڪري ڏني وڃي ته جئين ته مان پنهنجو گذر سفر ڪري سگهان.