قاضي احمد جي رھواسي مقبول احمد آرائين جو نوابشاهه ۾ پٽ جي بازيابي لاءِ احتجاج

news

نوابشاهه : آچر 06 آڪٽوبر 2019ع، قاضي احمد جي رھواسي مقبول احمد آرائين نوابشاھ پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منھنجو پٽ آصف علي آرائين جيڪو ڪراچي ۾ ڪم ڪندو ھئو.

اھو ڪجھ ڏينھن گم ٿي ويو آھي ۽ ان سان رابطو بہ نٿو ٿئي ھن چيو ته اسان ان جی ڪراچي ۾ ڪافي ڳولا ڪئي آھي ليڪن سندس ڪو بہ پتو ناھي پيو.

ھن چيو ته اھڙي اين سي پڻ اسان ڪراچي جي درڪشا ٿاڻو ڊي ايچ اي فيض 8 ۾ داخل ڪرائي آھي ھن چيو ته اسان کي شڪ آھي ته اسان جي نوجوان کي ڪنھن اغوا ڪيو آھي

ھن وس وارن کان گھر ڪئي ته سندس پٽ جي ڳولا ۾ سندن مدد ڪئي وڃي.