ٽنڊو ڄام لڳ ٽنڊوقيصر ۾ چوٽيهه سالا نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

news

ٽنڊوڄام: آچر 06 آڪٽوبر 2019ع ٽنڊوڄام لڳ ٽنڊوقيصر ۾ 34 سالا نوجوان شڪيل احمد پٽ فتح محمد نظاماڻي پنهنجي گهر اندر پکي ۾ رسو ٻڌي پاڻ کي ڦاهو ڏيئي خودڪشي ڪري ڇڏي.

نوجوان جو لاش ڇت جي پکي ۾ ٽنگيل ڏسي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته واقعي جو اطلاع ملڻ تي ٽنڊوڄام پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال موڪلي ڇڏيو،

جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٽنڊوڄام منظور جمالي ٻڌايو آهي ته شروعاتي جاچ موجب واقعو خودڪشي لڳي رهيو آهي،

نوجوان گهرو پريشانين ۾ مبتلا هو. ڪجهه ڏينهن اڳ نوجوان جي والده بيماري سبب فوت ٿي ويئي جنهن بعد نوجوان ذهني پريشاني جو شڪار هو.