سجاول ۾ ڊاڪٽر پاران عوام توڙي چونڊيل نمائندن ۽ مريضه کي گٿا لفظ لفظ ڳالهائڻ تي برطرف

news

سجاول:  آچر 06 آڪٽوبر 2019ع، مرف جي ڊاڪٽر لال مير شاھ پاران سجاول جي عوام توڙي چونڊيل نمائندن خلاف گٿا لفظ ڳالھائڻ جو ايم اين اي اياز علي  شاھ شيرازي نوٽيس ورتو.سي اي او مرف سان رابطو ڪري ڊاڪٽر کي نوڪري مان فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

تعلقہ اسپتال سجاول ۾ مبينہ گلي ۾ نلڪي ڦاٿل مريضہ اللہ بچائي بنت حسن ساند جي علاج لاءِ سيڪريٽري ھيلٿ طرفان تشڪيل ڏنل ٽيم ۾ موجود ڊاڪٽر لال مير شاھ ۽ ڊاڪٽر سليمان شاھ جڏھن تعلقہ اسپتال سجاول پھتا تہ اتي ڊاڪٽر لال مير شاھ پاران مريضہ جي وارثن سان اڍنگو رويو اختيار ڪرڻ ۽ سجاول جي چونڊيل نمائندن خلاف گٿا لفظ ڳالھايا ويا۔

جنھن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ سجاول جي ايم اين اي اياز شاھ شيرازي نوٽس ورتو ۽ سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جي اسپتالن جا انتظام سنڀاليندڙ تنظيم مرف جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر شاھ ميران سان رابطو ڪيو ۽ ڊاڪٽر لال مير شاھ کي ھڪدم نوڪري تان برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ان موقعي تي اياز شاھ شيرازي چيو تي سجاول جي ست لک عوام جي تذليل ڪندڙ ڊاڪٽر کي نوڪري تي رھڻ جو ڪو حق ناھي،ڊاڪٽرن جو ڪم عوام جي ڦٽن تي ملم رکڻ آھي نہ ڪۍ لوڻ ٻرڪڻ.

ھن چيو تہ سوشل ميڊيا تي مسيحائي پيشي سان وابستہ ڊاڪٽر جو اخلاق ڏسي ڏک پھتو آھي پنھنجي ضلعي جي عوام کي رنجائيندڙ ڊاڪٽر کي نوڪريءَ تان ھٽايو ويو آھي.