آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪاميٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو

news

سيوھڻ: آچر 06 آۡڪٽوبر 2019ع، آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪاميٽي پاران سنڌ جي مختلف ضلعن جي شھرن مان سرڪاري ملازمن جي اولاد پاران آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سيوھڻ شريف ۾ پھچي شيراز احمد قريشي جي اڳواڻي ۾ دھمال چوڪ کان سيوھڻ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعري بازي ڪئي.

ان موقعي تي مظاھري ۾ شريڪ فوتي سرڪاري ملازمن جي اولاد شيراز احمد قريشي,امتياز سھارڻ,محمد قاسم انصاري,ظھير پٺاڻ, عبدالنبي,محمد يامين لغاري ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي چيو ته  ڊسٽرڪٽ رڪيومنٽ ڪاميٽي (DRC) ۾ دير ڪرڻ ڊگھي پراسس کي ختم ڪرڻ ۽ سڀني يتيم ٻارن کي فوتي ڪوٽا جو برابري جو حق نه  ملڻ خلاف اڄ اسان وزير اعلئ سنڌ سيد مراد علي شاھ جي شھر سيوھڻ ۾ احتجاج ڪري رھيا آھيون تـ سنڌ سروس 1947- APT جي قانون تحت نوڪري دوران فوت ٿيندڙ سرڪاري ملازمن جي يتيم اولاد کي بنيادي ۽ والدين جو آئيني حق ڏنو وڃي.

2-9-2002 کان اڳ فوتي ملازمن جي ٻارن کي فوتي ڪوٽا جي نوڪري صرف سنڌ صوبي ۾ نٿي ڏني وڃي باقي پاڪستان جي ٽن صوبن ۾ فوتي ڪوٽا واريون نوڪريون ڏنيون پيو وڃن ۽ اسان جي سنڌ حڪومت پنھنجي من پسند جي بنياد تي فوتي ملازمن جي ٻارن کي سنڌ گورنمينٽ فوتي ڪوٽا جون نوڪريو ڏنيون آھن.

جڏھن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم موجب گريڊ 1 کان گريڊ 15 تائين نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏنو آھي ان باجود بـ سنڌ حڪومت عدالتي فيصلن جي مسلسل توھين ڪري رھي آھي سنڌ گورنمينٽ گريڊ 1 کان گريڊ 11 تائين نوڪريون ڏئي رھي آھي.

اسان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چئرمين بلاول ڀٽو ۽  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ جي سڀني فوتي ملازمن جي ٻارن سان ھڪ جھڙو انصاف ڪري والدين جو آئيني ۽ جائز حق ڏئي ملازمن جي اولاد مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.