ملڪ ۾ ڊينگي تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو، فوتين جو انگ اٺٽيهه ٿي ويو

news

اسلام آباد: (سومر07 آڪٽوبر 2019ع) سموري ملڪ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ هن وقت ڊينگي ڦهليل آهي جيڪو حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري ويو آهي.

راولپنڊي ۾ ڊينگي وائرس جي متاثر ٻارڙي سميت وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا. جنهن کان پوءِ هاڻ فوت ٿيندڙن جو انگ 38 ٿي ويو آهي. ڊينگي جا نوان ڪيس سامهون اچڻ جي رفتار به گهٽ ناهي ٿي سگهي. راولپنڊي ۾ ڊينگي بخار سبب وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا آهن. ٻارڙي ساجد بينظير ڀٽو جنرل اسپتال جڏهن ته 50 ساله شبير هولي فيملي اسپتال ۾ دم ڏنو.

ٻئي راولپنڊي جا رهواسي هئا. سموري ضلعي ۾ وڌيڪ 147 جڏهن ته صوبي ۾ 225 شهري ڊينگي جو نشانو بنيا آهن. پوٽهوهار جي علائقي ۾ سڀني کان وڌيڪ 93 ڪيس سامهون آيا آهن. لاهور ۾ 17 نوان مريض رپورٽ ٿيا آهن. ان کان علاوه چڪوال، اٽڪ، سرگودها، سيالڪوٽ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، گجرات ۾ به مريض رپورٽ ٿيا آهن.

پنجاب ۾ هينئر تائين ڊينگي مريضن جو انگ 5190 ٿي ويو آهي. لاهور ۾ ڊينگي جي 17 نون مريضن ۾ 9 اسپتال ۾ داخل ٿيا آهن. لاهور ۾ ڊينگي مريضن جو گڏيل انگ 257 ٿي ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته اهڙا مريض به آهن جيڪي راولپنڊي ۽ سوات مان علاج جي ڪري لاهور آيا هئا.