بصر جي قيمت هڪ سئو روپين تائين پهچي وئي

news

ڪراچي: (سومر07 آڪٽوبر 2019ع) لاڳاپيل اختيارين ۽ واپار واري وزارت جي غلط حڪمت عملي جي ڪري ڪراچي سميت وڏن شهرن ۾ بصر جي قيمت 100 روپيه في ڪلو تائين پهچي چڪي آهي.

برسات سبب بلوچستان ۽ سنڌ جي فصل کي نقصان پهچڻ جي باوجود پاڪستان جو ديسي بصر جي ايڪسپورٽ جاري آهي ۽ بصر جي مقامي گهرج پوري ڪرڻ جي لاءِ افغانستان ۽ ايران جي بصر وارن بازارن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

بصر جي واپارين جو چوڻ آهي ته هڪ طرف پاڪستان جي بصر جي دهڙي مان ايڪسپورٽ جاري آهي. ٻئي طرف قرنطينه ڊپارٽمينٽ ايران ۽ افغانستان مان بصر جي امپورٽ جي اجازت نامن جو  اجرا بند ڪيو ويو آهي جنهن سبب بصر جي قيمت ۾ وڌيڪ 20  روپيه ڪلو تائين اضافو ٿي ويو آهي ۽ في ڪلو بصر 90 کان 100 روپيه ڪلو  ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

قنطينه اختيارين واپار واري وزارت جي غلط حڪمت عملي جي ڪري  سموري ملڪ ۾ بصر جي قيمتن جو بحران پيدا ٿي ويو آهي ۽ بصر مرضي موجب قيمت تي وڪرو ٿي رهيو آهي.