طالبان يارنهن ساٿين جي بدلي ۾ ٽن ڀارتي شهرين کي ڇڏي ڏنو

news

ڪابل: (سومر07 آڪٽوبر 2019ع) افغانستان ۾ طالبان پنهنجي 11 ويڙهاڪن جي بدلي گذريل سال اغوا ڪيل 3 ڀارتي انجنيئرن کي ڇڏي ڏنو آهي. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب افغانستان ۾ طالبان ويرهاڪن هڪ سال اڳ اغوا ڪيل 7 ڀارتي انجنيئرن مان 3 کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

ان جي بدلي ۾ 11 طالبان قيدين کي به آزاد ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ ملا عمر جي دور جا ڪنڙ ۽ نمروز جا 2 اڳوڻا صوبائي گورنر شيخ عبدالرحيم ۽ مولوي عبدالرشيد به شامل آهن.  قيدين جي ڏي وٺ آمريڪا جي مداخلت ۽ ڳالهين کان پوءِ بغلان صوبي ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ٿي. پر طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد، ڪابل حڪومت ۽ ڀارت طرفان ان معاملي تي ڪوبه تبصرو سامهون ناهي آيو.

جڏهن ته طالبان جي مقامي اڳواڻن طرفان جاري ڪيل ڪجهه تصويرون  غور هيٺ آهن جن ۾ ٻنهي گورنرز ۽ ٻين قيدين جو  ڀرپور استقبال ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

ياد رهي ته افغانستان جي صوبي بغلان ۾ 2018 جي بجلي جي هڪ منصوبي تي ڪم ڪندڙ 7  ڀارتي انجنيئرز کي طالبان ويڙهاڪن اغوا ڪيو هو جنهن مان هڪ ڀڃي وڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو ۽ ڀارت تائين  پهچي ويو. پر ٻين جي باري ۾ اڃان تائين ڪابه ڄاڻ حاصل ناهي ٿي سگهي.