ٽنڊو ڄام شهر جي علائقي ميمڻ پاڙي جو رهواسي ٽيهه سالا نوجوان پراسرار طور گم، وارث پريشان

news

ٽنڊوڄام: سومر 07 آڪٽوبر 2019ع، ٽنڊوڄام شهر جي علائقي ميمڻ پاڙي جو رهواسي 30 سالا نوجوان ڪامران پٽ لياقت راجپوت گذريل چئن ڏينهن کان پر اسرار طور لاپتا بڻيل آهي،

نوجوان جي وارثن پاران مختلف جڳهن تي ڳولا ڪرڻ بعد سندس پراسرار طور گمشدگي جي ٽنڊوڄام ٿاڻي تي رپورٽ پڻ درج ڪرائي ويئي آهي.

نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جو ذهني توازن درست ناهي، چار ڏينهن اڳ صبح جو گهران ناشتو ڪري نڪتو هو ۽ اڃان تائين واپس گهر ناهي پهتو.