ٽنڊو محمد خان ۾ ڳوٺ گاجا موري جي رهواسي حيسڪو واپڊا عملي خلاف احتجاج

news

ٽنڊومحمدخان: ٽنڊومحمدخان جي ڳوٺ گاجاموري جي رهواسي معشوق علي جمالي پريس ڪلب ٽنڊومحمدخان آڏو احتجاج ڪندي دانهيندي چيو آهي ۔

واپڊا پاران منهنجي بجلي جي هڪ مهيني جي ريڊينگ 18170 ۽ بجلي جو بل ٽي لک چوهٺ هزار نئون سئو چوڏهن روپيا   اماڻيو آهي غريب مسڪين آهيان  منهنجي گهر جي بجلي جو ايڏو بل جيڪو درست ڪرائڻ لاءٌ آئون حيسڪو آفيس ٽنڊومحمدخان ويس ته واپڊا عملي ايڪس اين جي چوڻ تي مون مٿان حملو ڪري تشدد ڪرڻ جان کان مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون ته تنهنجو ايترو بل آيو آهي اسان ڇا ڪريون۔

هتان هليو وڃن نه تي توکي پوليس گهرائي جيل موڪلايو ويندو آئون غريب مسڪين ماڻهون محنت مزدوري ڪري پنهنجي بچن جو گذرسفر ڪرندو آهيان ايترو بل ڪنهن جمع ڪرايا جنهن لاءٌ ايڪس سي اين سهيل احمد شيخ وٽ فرياد کڻي ويس.

هن منهنجو مسئلو ٻڌڻ بجاءٌ مون مٿان حملو ڪرائي ڇڏيو هنن  وزيراعظم پاڪستان سميت اعلي اختيارين کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي۔