سکر ۾ فنڪشنل ليگ جي ضلعي اجلاس ۾ ايندڙ مڪاني چونڊن لاءِ غور ويچار

news

سکر: سومر 07 آڪٽوبر 2019ع، سکر ۾ فنڪشنل ليگ جي ضلعي اجلاس ۾ ايندڙ مڪاني چونڊن لاءِ غور ويچار ڪيو ويو. فنڪشنل ليگ جو اجلاس ضلعي صدر سيد شفقت شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو.

اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ ف ليگ جي عهديدارن ۽ تنظيمي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ايندڙ مڪاني چونڊن جي حوالي سان پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو، سکر ضلعي جي ٽن تعلقن ۾ تنظيم سازي کي حتمي شڪل ڏني و ئي.

اجلاس ۾ فقير عنايت الله ٻرڙو، سيد غضنفر شاهه، آفتاب احمد مهر، مير اعجاز ٽالپر، عبدالحق مهر، محمد ياسين جوڻيجو، محمد حنيف شيخ، علي ناصر چنا، جاويد شيخ، محمد حنيف مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

  ف ليگ تعلقي روهڙي جي سرگرم ڪارڪن غلام جعفر جي وفات تي پڻ گھري ڏک جو اظهار ڪري ھٿ دعا گھري وئي.