چونڊي چونڊي عورتن کي قتل ڪندڙ سيريل ڪلر جا انڪشاف

news

نيويارڪ: اڱارو08آڪٽوبر2019ع: آمريڪي تاريخ جي انتهائي خطرناڪ سيريل ڪلر 100 ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو جن ۾  گهڻي قدر عورتون شامل آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي جاپ ايجنسي ايف بي آءِ کي ڏنل بيان ۾ سيريل ڪلر 100 قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.

سيريل ڪلر سيموئل لٽل هڪ کان وڌيڪ ڀيرا موت جي سزا ۾ ڪيليفورنيا جي جيل م قيد آهي. 79 ورهين جو سيموئل لٽل 3 عورتن جي قتل جي ڪيس ۾ 2012ع کان جيل ۾ قيد آهي جيتوڻيڪ پڇا ڳاڇا دوران هن انڪشاف ڪيو ته هن پوري آمريڪا ۾ 1970ع کان 2005ع تائين يعني 35 سالن دوران 90 قتل ڪيا. ايف بي آءِ اختيارين موجب ڏوهن جي تجزئي نگارن ۽ جاچ ڪندڙن جي ويجهو سيموئل جي قابل اعتراف ڀروسو آهي جن مان 50 جي تصديق ڪئي پئي وڃي.

ايف بي آءِ سيموئل لٽل کي آمريڪا جي تاريخ جو انتهائي خطرناڪ سيريل ڪلر قرار ڏنو آهي. رپورٽن موجب پڇا ڳاڇا دوران سيموئل ٻڌايو ته هن تقريبن 93 ماڻهن کي گهٽو ڏئي ماريو جن مان گهڻي قدر تعداد ڪاري نسل جون عورتن آهن.