سڪرنڊ ويجهو مفت نياڻي کي تعليم ڏيندڙ فاطمه لقمان چوهاڻ جي اسڪول ۾ تعليمي سيمينار منعقد ڪيو ويو

news

سڪرنڊ: اڱارو 08 آڪٽوبر 2019ع سڪرنڊ لڳ ڳوٺ علي بخش چوهاڻ ۾ گذريل ڪيترن سالن کان پنهنجي گهر ۾ نياڻين کي فري تعليم ڏيندڙ نياڻي فاطمه لقمان چوهاڻ جي اسڪول ۾ تعليمي سيمينار منعقد ڪيو ويو.

جنهن کي خطاب ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ فري تعليمي خدمتون ڪندڙ گل محمد رند چيو ته هن اسڪول ۾ اچي ۽ فاطمه لقمان جي خدمت ڏسي چوڻو ٿو پوي ته فاطمه ملالا يا آسو ٻائي کان گهٽ ناهي مان سندس فري تعليم مان متاثر ٿي کيس همدرد سپورٽ پروگرام پاران هر مهيني 5 هزار وظيفي جو اعلان ڪيان ٿو.

هن چيو ته سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي جي ناڪامي جو چٽو ثبوت هي اسڪول آهي جيڪو پنهنجي مدد پاڻ تحت مفت ۾ هلي رهيو آهي ان موقعي تي گل محمد رند پاران اسڪول کي بينچون ، ڪرسيون ، سولر پنکا، ٽيبلون ۽ نياڻين لاءِ اسڪول بيگ پڻ ڏنا ويا.

سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر نامياري ڪهاڻيڪار ۽ محقق محمد صديق منگيو چيو ته بد قسمتيءَ سان چوڻو ٿو پوي ته جيڪو ڪم رياست کي ڪرڻو آهي اهو ڪم هُو ڪرڻ قاصر آهي جڏھن ته کيرون لهڻي گل محمد رند جنهن هن اسڪول جي نياڻين جي مالڪي ڪئي آهي .

وزير علي انڙ چيو ته سڪرنڊ جي تاريخ لکبي جنهن ۾ لکبو ته هن اسڪول ۾ چونڊيل نمائندن پاران به آسرا ڏنا ويا پر رڳو دلاسن کانسواءِ ڪجھ به نه ملي سگهيو سيمينار کي گل محمد ڪيريو ،  قاضي جاويد سنائي پڻ خطاب ڪيو تقريب ۾ سانول ڪيريو، نياز لاشاري، دلدار چانڊيو،  جاويد سومرو ، ، ضمير انڙ ۽ ٻيا مهمان شريڪ هئا.

ان کان اڳ فاطمه چوهاڻ جي مڙس لقمان چوهاڻ آيل مهمانن کي ڀليڪار جا لفظ چيا پروگرام دوران اسڪول جي نياڻين نعت شريف، ملي نغمه ۽ قومي ترانه پڻ پيش ڪيا.