اوڏيرولال اسٽيشن ۾ سول سوسائٽي سياسي سماجي اڳواڻن پاران نوجوان گلشير ٽڳڙ جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو

news

اڏيرولال اسٽيشن: اڱارو 08 آڪٽوبر 2019ع، اڏيرو لال اسٽيشن پريس ڪلب اڳيان سول سوسائٽي سياسي سماجي اڳواڻن  عرفان عمراڻي ، فقير بلاول خشڪ ، عبدالغني سومرو ، حاجي ڪريم بخش ڇٽو ،سڌير ساهووال ، حافظ امتياز چنا ، ساجن ميرجت ، عبدالغفور هنڱورو ، فرقان راجپوت ، فضل بلوچ ، ۽ احتجاج ڪندي چيو ته  3 سال اڳ ڪراچي مان غير قانوني طور کنڀي گم ڪيل  پليجاڻي جو رهواسي ذهين گولڊ  ميڊلسٽ شاگرد گلشير ٽڳڙ کي فوري آزاد ڪيو وڃي۔

هنن جو چوڻ هو ته گلشير جو ڪنهن به سياسي يا قومپرست جماعت سان تعلق نه هو گلشير هڪ ذهين شاگرد هو جنهن سنڌ يونيورسٽي مان ٽي گولڊ ميڊل کٽي رڪارڊ قائم ڪيو هو ڇا اهڙو ذهين ۽ هوشيار شاگرد جيڪو هڪ وقت ٽي گولڊ ميڊل اهو رياست دشمن عمل ۾ ڪيئين ٿو شامل ٿي سگهي گلشير کي غلط فهمي جي بنياد تي کنيو ويو آهي .

اسان مطالبو ٿا ڪيون ته گلشير کي فوري آزاد ڪيو وڃي اگر هن کان ڪا غلطي ٿي به آهي ته ان کي ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي يا کيس ظاهر ڪيو وڃي ته جيئين گلشير جي والدين مان مايوسي ۽ بيچيني ختم ڪئي وڃي.

مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان . آرمي چيف ۽ وفاقي حڪومت سان گڏ سنڌ حڪومت کان به مطالبو ڪيو ته گلشير ٽڳڙ جي بازيابي لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئين 3 سالن کان سڪايل سندس ماء پي جي دل تي ڪو ڇنڊو پوي۔