وزيراعظم عمران خان جي چيني هم منصب سان ملاقات، اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

news

بيجنگ: وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چين جي دوري دوران دوست ملڪ جي اعليٰ ترين سياسي ۽ فوجي قيادت ۽ ڪاروباري ادارن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪيون آهن.

جڏهن ته ان موقعي تي ٻنهي وزيراعظم عمران خان پنهنجي چيني هم منصب سان ملاقات ڪئي. ان اهم ملاقات ۾ ڪشمير مسئلي ۽ علائقي جي صورتحال سمت اهم عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ گريٽ هال پهتو، جتي چيني هم منصب لي ڪي چيانگ ان جو استقبال ڪيو. چيني وزيراعظم، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ پاڪستاني وزير به مليا.

وزيراعظم عمران خان گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ان کي سلامي به پيش ڪئي وئي. جڏهن ته ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به وڄايا ويا. وزيراعظم عمران خان چيني هم منصب سان گڏ ملاقات ۾ والاريل ڪشمير متعلق ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي حمايت تي چيني قيادت جو شڪريو ادا ڪيو.

هن والاريل ڪشمير جي صورتحال کان به آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي ون آن ملاقات کانپوءِ وفدن جي سطح تي به ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري سميت ٻين منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پاڪستاني وفد ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد، وزير منصوبا بند ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ به شريڪ هئا.

ان کان پهرين وزيراعظم عمران خان چين پهتو ان جي لوهه ۽ اسٽيل جي صنعت ”چائنا ميٽالرجيڪل گروپ“ جي چيئرمين سان به ملاقات ڪئي. وزيراعظم سان اورينٽ هولڊنگ گروپ جي چيئرمين بورڊ به ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، خسرو بختيار، شيخ رشيد ۽ عبدالرزاق دائود به موجود هئا. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جي صدر شي جن پنگ سان به ملاقات ٿيندي. ملاقاتن جي دوران ڪشمير مسئلي ۽ سي پيڪ جي توسيع جي معاملن تي زير بحث ايندا.