مبارڪپور ويجهو ڳوٺ رانجهاپور واسي سيد هاشم شاهه دل جو دورو پوڻ سبب فوت

news

مبارڪپور: اڱارو 08 آڪٽوبر 2019ع، مبارڪپورويجهو ڳوٺ رانجهاپور واسي اڳوڻو ٽي او تعلقه  ايجوڪيشن آفيسر سيد هاشم علي شاه پنهنجي ڳوٺ کان ڪراچي وڃي رهيو هو تہ اوچتو نوري آباد وٽ سندس دل جو دورو پئجي ويو، ۽ هو فوت ٿي ويو،

جنهن جو مڙه پنهنجي ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن تہ مرحوم جي جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي، مذهبي اڳواڻن سميت مبارڪپور شهر، ميرپورٻرڙو شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي،

جنهن جي مڙه کي سوين آلين اکين سان پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.