ڇا بي آر ٽي منصوبو هن صدي ۾ مڪمل ٿيندو؟ پشاور هاءِ ڪورٽ جا رمارڪس

news

پشاور: پشاور هاءِ ڪورٽ پشاور بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) متعلق ڪيس جي دوران منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان سخت رمارڪس ڏنا آهن.

بي آر ٽي ٽريڪ تي اوور هيڊ برج گهڻي فاصلي تي ٺاهڻ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ابراهيم ۽ جسٽس نعيم انور تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ارشد خان به عدالت ۾ پيش ٿيو، جن کان جسٽس محمد ابراهيم استفسار ڪيو ته ” ڇا بي آر ٽي منصوبو هن صدي ۾ مڪمل ٿيندو؟ خبر ناهي ان منصوبي کي اسين ڏسي سگهنداسين؟“

ان تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ارشد خان عدالت کي ٻڌايو ته بي آر ٽي اسٽيشنز تي ڪم جاري آهي ۽ اهو منصوبو جلد مڪمل ٿي ويندو.

ارشد خان عدالت کي ٻڌايو ته منصوبي ۾ 26 اسٽيشنز آهن. جنهن تي جسٽس ابراهيم رمارڪس ڏيندي چيو ته 26 اسٽيشنز آهن ته ان تي ڪم مڪمل ٿيڻ ۾ وڌيڪ ڪيترائي سال لڳي ويندا.

بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 16 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.