ٻن عورت خلابازن جو خلائي سوٽ تيار، هاڻ خلا ۾ پنڌ ڪري سگهنديون

news

نيويارڪ: اڱارو08آڪٽوبر2019ع: انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خلاباز خاص اسپيس سوٽ پائي ڪجهه وقت عالمي خلائي اسٽيشن ٻاهران گذارينديون.

ڇهه مهينا اڳ اهو تجربو ڪرڻ گهرجي ها پر عورت خلاباز جي سوٽ جي سائز مختل فهئي ۽ هاڻ ناسا اها خامي ختم ڪري ڇڏي آهي، هاڻ ناسا موجب ٻنهي عورتون 21 آڪٽبر  تي عالمي خلائي اسٽيشن کان ٻاهر نڪري گڏجي خلا ۾ پنهنجي طاقت آزمائينديون.

انهن ۾ ڪرسٽينا ڪوخ ۽ جيسيڪا مائر شامل آهن جيڪي مارچ کان خلائي اسٽيشن تي موجود آهن، ناسا انهن جي لاءِ وچ واري سائز جو خلائي سوٽ روانو ڪيو آهي جيڪو اميد آهي ته ٻنهي عورتن کي فٽ اچي ويندو.

ياد رهي ته جيسيڪا پنجن مان چار ڀيرا خلائي واڪ ڪري چڪي آهي ۽ هن خلائي اسٽيشن ۾ نيون ليٿيئم آئن بيٽريون پڻ لڳايون آهن پر ناسا جي خواهش هئي ته هاڻ ٻئي عورتون گڏجي ٻاهر نڪري هڪ نئين تاريخ جوڙينديون پر خلائي سوٽ جي وڏي سائز اڳيا اچي وئي ۽ انهن جي لاءِ نئون سوٽ پهچايو ويو آهي.