ٽنڊوڄام ۾ بيروزگاري سبب ٽن معصوم ٻارن جي پيءُ خودڪشي ڪري ڇڏي

news

ٽنڊوڄام: اڱارو 08 آڪٽوبر 2019ع، ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي ۾ خودڪشين جو رجحان وڌي ويو. بيروزگاري سبب ٽن معصوم  ٻارن جي پيءُ خودڪشي ڪري ڇڏي.

گهر ۾ ڪهرام متل. خبر موجب ٽنڊوڄام جي علائقي رشيد ڪالوني ۾ بيرروزگاري سبب ٽن معصوم ٻارن جي پيءُ 30 سالا نوجوان علي شان ولد ڪرم الدين راجپوت گهر اندر ڇت جي پکي ۾ رسو ٻڌي پاڻ کي ڦاهو ڏيئي خودڪشي ڪري ڇڏي.

نوجوان جو ڇت واري پکي ۾  لاش ٽنگيل ڏسي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. اطلاع ملڻ تي ٽنڊوڄام پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ويئي.

جتي وارثن پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪرڻ تي پوليس ڪاغذي ڪاروائي بعد واپس رواني ٿي ويئي.  نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان بيروزگاري سبب سخت پريشاني جو شڪار هو، ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ سندس وني به ڪاوڙجي پيڪين هلي ويئي هئي.

ٽنڊوڄام ۾ گذريل ٽن ڏينهن دوران خودڪشي جو ٻيو واقعو آهي. ٻه ڏينهن اڳ ٽنڊوڄام لڳ ٽنڊوقيصر ۾ به 34 سالا نوجوان شڪيل نظاماڻي به ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي هئي.