جاتي لڳ نوجوان وڻ ۾ رسي ٻڌي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي

news

جاتي: اڱارو 08 آڪٽوبر 2019ع، جاتي لڳ نوجوان وڻ ۾ رسي ٻڌي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي خبر موجب جاتي لڳ ڳوٺ انب ملاح جو نوجوان نثار احمد ملاح ولد محمد جمن ملاح وڻ ۾ رسو ٻڌي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو۔

جاتي پوليس جاءِ واردات تي پهچي لاش وڻ مان لاٿو ۽ تعلقه اسپتال جاتي آندو جتي ڊاڪٽر ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ٻئي طرف وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي۔

نوجوان نثار احمد ملاح جو ماما محمد حنيف ملاح صحافين سان ڳالهائيندي چيو اسانجي ڪنهن سان دشمني ناهي ۽ نثار بيڪري تي مزدوري ڪندو هو.

ٻئي طرف تعلقه اسپتال جاتي ۾ موجود ڊاڪٽر غلام قادر ترڪ ٻڌايو ته اسان کي خودڪشي پئي لڳي جسم تي ڪوبه تشدد جو نشان ناهي .

هوڏانهن ايس ايڇ او جاتي ارشد رند جاتي پريس ڪلب جي صحافين پاران رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان لاش وڻ مان لاٿو آهي وڌيڪ جانچ ڪريون ٿا ته خودڪشي آهي يا قتل.

اسان مبينا خودڪشي ڪندڙ نثار احمد جي وارثن کي چيو آهي ته توهان کي ڪنهن تي شڪ يا دشمني هجي ٻڌايو ته جيئن تحقيقات ۾ اسانجي اڳڀرائي ٿي وڃي۔