احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي چانس ڏئي مصباح غلطي ناهي ڪئي: وسيم اڪرم

news

لاهور: اڱارو08آڪٽوبر2019ع: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي قائم ڪيل ڪرڪيٽر ڪميٽي جي ميمبر وسيم اڪرم هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق جي حمايت ۾ ڳالهائي ويٺو. سريلنڪا پاڪستان کي ٻئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست ڏئي 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي آهي، ان سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي شوقينن سان گڏوگڏ اڳوڻن ڪرڪيٽرن کي پڻ حيران ڪيو آهي.

قومي ٽيم جي اسڪواڊ ۾ عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد جي ڊگهي عرصي کانپوءِ واپسي ٿي آهي پر هڪ ڀيرو ٻيهر ٻئي بيٽسمين ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا.

عمر اڪمل ٻنهي ميچن۾ بنا ڪا رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ احمد شهزاد به ڪا وڏي اننگز نه کيڏي سگهيو، سندن خراب ڪارڪردگي تي ڪرڪيٽ شوقينن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ته اتي ئي مصباح الحق کي پڻ تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

جڏهن ته هاڻ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم ٻنهي رانديگرن کي موقعو ڏيڻ تي چيف سليڪٽر ۽ هيڊڪوچ مصباح الحق جي حمايت ۾ ڳالهائي ويٺو آهي. هن جو چوڻ هو ته احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي چانس ڏئي مصباح ڪا غلطي نه ڪئي، ٽاپ رينڪ ٿي 10 اهم رانديگرن کان محروم ٽيم کان هارائڻ حيرت جوڳو آهي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سريلنڪا کان ٽي ٽوئنٽي سيريز هارائڻ جو سڀني کي ڏک آهي پر مصباح الحق هاڻ آيو آهي ۽ ٽيم ۾ ڪجهه تبديليون ڪرڻ چاهي ٿو جنهن ۾ ڪوبه حرج ناهي، کيس پورو موقعو ڏيڻ گهرجي.