منظور وساڻ جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ٺاهڻ جي الزام ۾ ڪيس جي ٻڌڻي

news

ڪراچي: (اربع 09 آڪٽوبر 2019ع) آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ڪيس ۾ نامزد پ پ اڳواڻ منظور وساڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.

نيب پراسيڪيوٽر اڳڀرائي واري رپورٽ پيش ڪرڻ جي لاءِ مهلت گهري ورتي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.  نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته منظور وساڻ جي خلاف جاچ جاري آهي.

حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي. عدالت نيب کان منظور وساڻ جي خلاف 11 ڊسمبرتي اڳڀرائي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ منظور وساڻ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسان لاءِ جيلون نيون ناهن. اهڙي وقت جي لاءِ تيار رهندا آهيون.

هن چيو ته هن وقت حالتون اهڙيون آهن جو حڪومت هاڻ وڃڻ جي لاءِ تياري ڪري وٺي. نيب منظور وساڻ کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاءِ لاءِ طلب ڪيو هو.