ڪراچي ۾ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر ۽ سندس نوجوان پٽ کي گهر ۾ قتل ڪيو ويو

news

ڪراچي: (اربع 09 آڪٽوبر 2019ع) ڪلفٽن جي حساس سيڪيورٽي علائقي ۾پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر ۽ سندس نوجوان پٽ کي گهر ۾ قتل ڪيو ويو.

پوليس موجب ڪلفٽن ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان انتهائي حساس علائقي بلاڪ 4 ۾ پيءُ پٽ جي ٻٽي قتل جي واردات اربع جي ڏينهن صبح جو ساڍي 6 وڳي کان 8 بجي جي وچ ۾ ٿي. پوليس موجب 65 ساله پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر فصيح عثماني ۽ ان جي پٽ 22 ساله ڪامران عثماني جون لاشون ان جي گهر جي بيڊ روم مان مليون. واردات وقت ٻئي پيءُ پٽ ستل هئا.

پوليس موجب فصيح عثمان جي زال مسز آسيه بيان ڏنو آهي ته صبح ساڍي 6 وڳي معمول موجب گهر کان واڪ ڪرڻ جي لاءِ ويس، مڙس ۽ پٽ ستا پيا هئا. واپس اچڻ جي لاءِ گهر جي اطلاعي گهنٽي وڄائي کين ننڊ مان نٿي اٿارڻ چاهيو ان لاءِ مان واپس اچڻ جي لاءِ گهر جو پويون ننڍو دوازو کليل ڇڏي ويس. واڪ کان پوءِ جيئن ئي گهر پهتس ته قيامت جهڙو منظر هو. منهنجي مڙس ۽ پٽ جون لاشون رت سان ڳاڙهيون لڳيون پيون هيون.

ايس ايڇ او ڪلفٽن پير شبير موجب روڪ رقم، ليپ ٽاپ، موبائل فون، زيورات ۽ ٻيون قيمتي شيون گهر ۾ جيئن هيون ائين ئي پيون آهن. جوابدارن ان مان ڪنهن به شيءَ کي هٿ به ناهي لڳايو. پوليس موجب واردات ڪنهن تيز ڌار اوزار سان ٿي آهي پر اڃان ان جي باري ۾ وڌيڪ پڪ ناهي ٿي سگهي ڇو ته جوابدار تيز ڌار اوزار به پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن.

ايس ايس پي جاچ طارق ڌاريجو ٻڌايو آهي ته گهر ۾ ڪوبه چوڪيدار نه هو ۽ نه ئي سي سي ٽي وي ڪيمره آهي. قتل مان لڳي رهيو آهي ته گهر جو ڪو ماڻهو ملوث آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هي خاندان ڪراچي کان آمريڪا منتقل ٿيڻ جي تياري ڪري رهيو هو. ڪلفٽن جي جنهن علائقي ۾ اها واردات ٿي آهي اتي سنڌ حڪومت جون اهم ترين شخصيتون رهائش پذير آهن. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.