ملازمن کي پگهارون ڏيڻ جيترا به پئسا ناهن: گڏيل قومن ۾ مالي بحران وڌي ويو

news

نيويارڪ: (اربع 09 آڪٽوبر 2019ع)  گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بقاياجات جي نه ملڻ سبب مختلف ملڪن جي ميمبرن کي مالي بحران کان خبردار ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري چيو آهي ته گڏيل قومن کي جيڪڏهن ميمبر ملڪ واجب الادا رقم جي ادائيگي نٿا ڪن ته اداري وٽ ايندڙ مهيني ملازمن کي پگهارون ڏيڻ جيترا به پئسا ناهن.

انتونيوگتريس گڏيل قومن جي بجيٽ ڪميٽي کي ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن هو جنوري کان خرچن ۾ گهٽتائي تي ڪم نه ڪن ها ته گذريل مهيني جنرل اسيمبلي ۾ عالمي اڳواڻن جي اجلاس جي لاءِ به مالي وسيلا موجود نه هجن ها. يو اين جي جنرل سيڪريٽري  چيو آهي ته هلندڙ مهيني اسان تمام گهڻي نقصان ۾ پهچي وينداسين ۽ ايندڙ مهيني نومبر ۾ پگهارن جي ادائيگي جي لاءِ به پئسن جي کوٽ جو خطرو آهي ان ڪري اسان جي ڪم ۽ اصلاحات کي به خطرا وڌي ويا آهن.

رپورٽ موجب گڏيل قومن ۾ آمريڪا سڀني کان وڏو معاون آهي جيڪو 2019 جي 3.3 بلين ڊالر کان وڌيڪ جي ريگيولر بجيٽ جي لاءِ 22 سيڪڙو ڏيڻ جو ذميوار آهي. واشنگٽن تي اڳوڻي ريگولر بجيٽ جا 381 ملين ڊالر ۽ 2019 جي ريگيولر بجيٽ جا 674 ملين ڊالر واجب الادا آهن. گڏيل قومن جي ترجمان ٻڌايو آهي ته اداري جا 129 ميمبر ملڪ سال 2019 جي لاءِ پنهنجي بقاياجات ادا ڪري چڪا آهن جيڪي 2 بلين ڊالر جي لڳ ڀڳ آهن.