خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ماڻهن ۾ خوف

news

پشاور: (اربع 09 آڪٽوبر 2019ع) خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.

رپورٽ موجب اسلام آباد ۽ ڪي پي ڪي سوڌو ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ زلزلي جي لوڏن هڪ ڀيرو ٻيهر خوف پکيڙي ڇڏيو، ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري ويا.

اسلام آباد، پشاور، مالاڪنڊ، لوئر دير، سوات، مينگوره، يارحسين، يعقوبي، سوڊهير چترال ۽ مالاڪنڊ سوڌو ڪي پي ۽ ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلي سبب ماڻهو خوف مان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جي اونهائيءَ زمين اندر 180 ڪلوميٽر ۽ مرڪز افغانستان جو هندو ڪش وارو خطو ٻڌايو ويو آهي.