پاڪ لنڪن ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ اڄ بريسٽ ڪينسر جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو

news

لاهور: اربع09آڪٽوبر2019ع: پاڪ لنڪن ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ۾ اڄ بريسٽ ڪينسر جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو، ٻنهي ڪپتانن سميت رانديگر گلابي ربن کي علامتي طور تي شرٽس تي لڳائيندا، صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي تقريب جو خاص مهمان هوندو.

اڄ ڇاتي جي ڪينسر جو عالمي ڏينهن جنهن کي پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به ملهايو ويندو، ٻنهي ٽيمن جي ڪپتان ۽ رانديگرن سميت پي سي بي اختياريون گلابي ربن ۾ نظر اينديون.

ڪرڪيٽ شوقينن ۾ 12 هزار ربن 7 ساڍا ست سئو گلابي شرٽس ورهايون وينديون، ميچ کان اڳ موذي مرض بابت مختصر تقريب هوندي جنهن جو خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي هوندو جنهن سان گڏ چيئرمين احسان ماني به تقريب ۾ شرڪت ڪندو.