کپرو ۾ قتل جي الزام ۾ هڪ سال کان قيدي محمد موسيٰ خيبر پراسرار نموني فوت

news

کپرو: اربع 08 آڪٽوبر 2019ع، پنهنجي زال نسرين ۽ ڌيء جميلا خيبر  کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ هڪ سال کان قيد ڪچو قيدي محمد موسا خيبر کپرو سب جيل ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويو.

صبح سوير ناشتي دوران سڏ ڏنو تـ قيدين ڏٺو قيدي فوت ٿي چڪو هو قيدي جي فوت ٿيڻ جو سول مئجسٽريٽ کپرو کي اطلاع ڏنو ويو . جيلر لڌارام سوناري مطابق صبح سوير ناشتو نـ وٺڻ کان پوء خبر پئي.

هن چيو تـ ڪجھ ڏينهن اڳ بخار سبب هن کي تعلقا اسپتال کپرو مان علاج ڪرايو هو جڏهن تـ ڀائرن مطابق محمد موسا کي ڪجھ ڏينهن کان بخار هو جنهن جو علاج پڻ ڪرايو هو بخار نـ لهڻ سبب الٽرا سائونڊ ڪرايو تـ  آنڊن ۾ سوڄ ٿيل هئي.

جنهن کي ڪنهن اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بجاء ان کي جيل ۾ رکيو ويو  ياد رهي تـ سب جيل کپرو ۾ ٻٽي قتل جي قيدي کي رکڻ بـ هڪ سوال آهي قانون مطابق قتل توڙي ڦر سميت وڏن قيدين کي ڊسٽرڪٽ جيل سانگھڙ موڪليو ويندو آهي پوء هي قيدي هڪ سال کان سب جيل کپرو ۾ ڪئين قيد هو.

ٻئي پاسي ڪجھ ڏينهن اڳ ڪارو ڏنل ڌر باقر خيبر سان ٻنهي قتلن جو راڄوڻي فيصلو پڻ ٿيو هو جنهن ۾ ڪارو قرار ڏنل ڌر تي 30 لک روپيا ڏنڊ پڻ وڌو ويو هو جنهن مان هڪ لک موقعي تي ادا پڻ ڪيا ويا هئا.

باقي پئسا ٽن قسطن ۾ ادا ڪيا ويندا ياد رهي تـ عمران خيبر تي ڪارنهن الزام لڳو هو جيڪو حملي وقت گھر مان فرار ٿي ويو هو.