مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ، اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي تاريخ تبديل ڪئي وئي

news

اسلام آباد: مولانا فضل الرحمان اعلان ڪيو آهي ته سڄي ملڪ مان قافلا 27 آڪٽوبر تي روانا ٿيندا. سڀئي هڪ ئي گڏ 31 آڪٽوبر تي وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ داخل ٿيندا.

تفصيل موجب اهو اهم فيصلو جميعت علماءِ اسلام جي امير مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو.

مولانا فضل الرحمان اعلان ڪيو آهي ته جي يو آءِ (ف) جو 31 آڪٽوبر کان پهرين ڪو به جلوس اسلام آباد ۾ داخل نه ٿيندو. 27 آڪٽوبر جا جلوس ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيا ويندا. 27 آڪٽوبر کانپوءِ سڀئي جلوس 31 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ داخل ٿيندا.