مورو ۾ تعليم کاتي ۾ اڳوڻو ايس ڊي او محمد بخش چوهاڻ ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪري ويو

news

مورو:اربع 09 آڪٽوبر 2019ع، مورو جي معزز شخصيت ۽ اڳوڻو تعليم کاتي جو ايس ڊي او سائين محمد بخش چوھاڻ ڪينسر جي بيماري م مبتلا رھڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو.

جنھن جي جنازي نماز پير سائين پاڳاري جي بنگلي م ادا ڪئي وئي جنھن م  شھر جي سياسي سماجي علمي ادبي شھرين استادن ڊاڪٽرن پروفيسرن صحافين مختلف برادرين جي ماڻھن  سميت چوھاڻ برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي .

بعد م مرحوم کي سوين آلين اکين سان سندس اباڻي قبرستان درس م مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏھن تہ سوڳوار خاندان سان تڏي تي تعزيتن جو سلسلو جاري آھي.